ڪمپيوٽر تي واٽس ائپ ڪيئن هلائجي!

Ad 468 X 60

الخميس، 22 يناير 2015

انتظار جون گهڙيون ختم،حاضر آهي ڪمپيوٽر لا واٽس ائپ


تمام گهڻي اتنظار کان بعد آخرڪار اها سهولت متعارف ٿي وئي. واٽس ائپ کي هاڻي موبائيل کان علاوه ڪمپيوٽر جي انٽرنيٽ برائوزر تي به استعمال ڪري سگهو ٿا.
​ هي سهولت انهن لا آهي جنهن وٽ ائنڊروائيڊ،ونڊوز فون،بليڪ بيري تي واٽس ائپ استعمال ڪن پيا. اصل ۾ هي ويب ڪلائنٽ توهان جي موبائيل وارو ئي واٽس ائپ آهي.ان لا ضروري آهي ته توهان جي موبائيل ۾ به واٽس ائپ انسٽال ٿيل هجي ۽ استعمال ڪندا هجو.هن سروس کي حاصل ڪرڻ لا ضروري آهي ته توهان جي موبائيل فون ۾ واٽس ائپ جو نئون ورزن انسٽال ٿيل هجي.
 ڪمپيوٽر ۾ ڪروم برائوزر هجڻ لازمي آهي
1) پهرين اوهان ڪروم برائوزر ذريعي هي ويب سائيٽ کوليو web.whatsapp.com 2) ان کان بعد اتي موجود هڪ ڪيو آر ٽي اميج ظاهر ٿيندو. (ڪيو آر ٽي ڪوڊ ويب جي دنيا تي ڪنهن شئي جي مخصوص سڃاڻپ کي ظاهر ڪري ٿو) ان پيج کي اتي رهڻ ڏيو.
3) هاڻي پنهنجي موبائل تي واٽس اپ اوپن ڪيو (نيٽ سان ڪنيڪٽ هجڻ لازمي آهي)
4) موبائل جو رائيٽ بٽڻ (يا ڪجهه ورجس ۾ مينيو۾) دٻائڻ تي مينيو ۾ واٽس اپ ويب (whatsapp web) جو آپشن ظاهر ٿيندو ان کي پريس ڪيو.
ان آپشن کي دٻائڻ سان ڪيمرا کلي ويندي. جيڪا اميج کي اسڪين ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪندي.
 5) ان ڪيمرا کي ڪمپيوٽر تي اوپن ٿيل واٽس اپ ويب جي پيج تي آڻيو ۽ ان ڪيو آر ٽي ڪوڊ کي اسڪين ڪريو.
 6) جيڪڏهن اسڪين ڪرڻ ۾ مسئلو ٿئي ته پيج تي موجود ڪوڊ کي ريفريش ڪريو. ڪوڊ ميچ ٿيڻ بعد ان پيج تي اوهان جي واٽس اَيپ آءِ ڊي اوپن ٿي ويندي.....

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: فاروق سومرو
منهنجون ڪميپوٽر بابت ٽوٽريل۔ٽپس سافٽوير ،موبائيل جون ٽپس ٽوٽريل سافٽوير وغيره۔۽ ٻيون گهڻيون تحريرون هڪ الڳ شي ۾ گڏ ڪرڻ لاءِ اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔