إظهار الرسائل ذات التسميات آئي ٽي بابت تازيون خبرون. إظهار كافة الرسائل
السبت، 26 مايو 2018
هاڻي سمارٽ فونز کي ويڙهي به سگهبو،جلد foldable ڊسپلي وارا سمارٽ فونز مارڪيٽ ۾ اچڻ وارا آهنَ
هن وقت ٽيڪنالوجي جي دوۡر ۾ هر شي کي آسان بڻايو ويو آهي،نيون نيون شيون ايجادون ڪري دنيا جي ملڪن کي بلڪل ويجهو ڪري ڇڏيو آهي.جيئن ته هن وقت اسان وٽ جيڪي سمارٽ فونز آهن انهن ۾ اڪثر کڻڻ ۾ يا کيسي ۾ رکڻ ۾ وزن پيدا ڪندا آهن ،پر هاڻي ان مسئلي جو حل آخرڪار ڪڍيو ويو آهي،هاڻي سمارٽ فونز کي ويڙهي به ڪري رکي سگهبو.دنيا جون وڏيون سمارٽ فونز ٺاهيندڙ ڪمپنيون جهڙوڪ:Samsung,huawei,,lg,lenovo Sony oppo ۽ ٻيون ڪمپنيون foldable سمارٽ فونز ٺاهڻ لاءِ حق حاصل ڪري ورتا آهن.
تازي رپورٽ مطابق ته huawei ڪمپني سڀ کان پهرين فولڊ ائبل فون کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ان تي ڪم ڪري رهي آهي ،۽ ٻڌايو پيو وڃي ته هن سال جي آڪٽوبر مهيني ۾ شايد هوائي پهريون فون متعارف ڪرائي.
هڪ رپورٽ مطابق huawei سمارٽ فونز لاءِ ڊسپلي ٺاهيندڙ دنيا جي وڏي ڪمپني OBE سان گڏ هن سمارٽ فون تي ڪم ڪري رهي آهي.OBEصرف سمارٽ فون لاءِ ڊسپلي ٺاهڻ جي ذميوار آهي باقي ٻيو ڪم huawei خود پاڻ ڪنديِ،ٻيون به ڪمپنيون ان دوڙ ۾ شامل ٿي رهيون آهن،اهو امڪان پيدا ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ سال ۾ هي موبائيل فونز مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ دستياب هوندا.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الخميس، 24 مايو 2018
واٽس ايپ تي هڪ نئون بگ دريافت
مشهور ميسيجنگ سروس واٽس ايپ ۾ هڪ نئون بگ دريافت ڪيو ويو آهي،ته واٽس ايپ تي توهان جنهن شخص کي بلاڪ ڪيو هو اهو اڃا به توهان جو پروفائيل ڏسي پيو ۽ توهان کي اهو ٽيڪسٽ ميسيج به ڪري پيو،توهان جا اسٽس به ڏسي پيو.
هن بگ جي موجودگي جو اطلاح ٽوئيٽر تي WABetaInfo ڏنو.
واٽس ايپ انتظاميا طرف کان اڃا هن بگ بابت موجودگي جو باظابطا اعلان نه ڪيو آهي في الحال ان طرف کان ڪا موٽ نه ملي آهي ته هن بگ کي ڪيتري وقت ۾ ٺيڪ ڪيو ويندو،پر هي بگ نه صرف موبائيل يوزرس لاءِ اثر ڪندڙ هجي پر ٿي سگهي ڊيڪسٽاپ ورزن تي به اثرانداز ٿيو هجي.
پر جيڪڏهن توهان ان مسئلي جو حل چاهيو ٿا ته هن صلاح تي عمل ڪري بلاڪ ڪيل يوزر کي مڪمل بلاڪ ڪري سگهو ٿا
جنهن شخص کي توهان بلاڪ ڪيو ان کي ٻيهر unblock ڪريو پوءِ ٻيهر ان کي ري بلاڪ ڪيو.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الأربعاء، 16 مايو 2018
نوڪيا پاران پاڪستان ۾ پنهنجن سمارٽ فونن جون قيمتون گهٽائي ڇڏيون.
ڇا توهان هن رمضان ۾ هڪ سٺو سمارٽ فون خريد ڪرڻ جي تلاش ۾ آهيو؟HMD پاران پاڪستان ۾ پنهنجن نوڪيا اسمارٽ فونن جون قيمتون گهٽائي ڇڏيون آهن.
نيون قيمتون پاڪستان ۾ هي آهن
نوڪيا 5= 17650
نوڪيا 6 =21750
نوڪيا 8=35000
جيئن ته نوڪيا هڪ فليگشپ فون آهي جنهن ۾ تمام سٺا فيچرز شامل آهن ،پهريان هن جي رقم 49000 هئي جنهن کي گهٽائي ڪري 35000 ڪيو ويو آهي.
نوڪيا 6 به بهتر فون آهي،هن فون ۾ توهان کي هڪ بهتر پروسيسر (snapdragon 630) ملندو،جيڪو ڪنهن ٻئي سمارٽ فون ۾ ملي نه سگهي ،صرف اهيو ئي نه هي فون هر مهيني گوگل طرفان اپڊيٽ وصول ڪندو رهي ٿو
ته اڄ ئي بهترين فون خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي ويجهي دڪان تي وڃو
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الثلاثاء، 22 أغسطس 2017
هاڻي رهو باخبر هر وقت يوٽيوب تي.
مشهور ويڊيو شئيرنگ ويب سائيٽ تي هاڻي تازيون خبرون جو فيچر شامل ڪيو ويو آهي،جنهن ذريعي توهان هر وقت باخبر رهندا.
بريڪنگ نيوز نالي فيچر کي ڊيڪسٽاپ ۽ ائنڊرائيد ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
اڳتي هلي ريل ٽائيم ۾ نيوز پليٽ فارم بڻجي وڃي جيئن ٽوئيٽر ۽ فيسبوڪ ۾ نيوز سيڪشن آهي
هن نئون فيچر في الحال ٽيسٽنگ ۾ آهي جلد سڀني يوزرن لاءِ رليز ڪيو ويندو.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الأحد، 24 مايو 2015
گوگل جو نئون ايندڙ آپريٽنگ سسٽم،بريلو (Brillo)
هڪ تازي خبر مطابق ته گوگل انٽرنيٽ آف ٿنگس جي لاء هڪ نئين آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪري رهي آهي،جيڪو ائنڊروئيد جي بيسڊ تي ٺهيل هوندو.
هن نئين آپريٽنگ سسٽم کي بريلو (brillo) جو نالو ڏنو ويو آهي،جيڪو انهن ڊوائسيز جي لاء ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ ريم گهٽ ۾ گهٽ ريم 32 ايم بي لڳل هجي.
هي نئون پليٽ فارم گهريلو شين جهڙوڪ ،سمارٽ بلب وغيره لاء ٺاهيو ويو آهي.
هن نئين سسٽم ۾ مختلف ڊونگلز ۽ سينسرز لڳل هوندا.
هن نئين آپريٽنگ سسٽم جو اعلان گوگل پنهنجي ڊولپر ڪانفرنس ۾ ڪندي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الاثنين، 11 مايو 2015
مائڪروسافٽ ايج برائوزر
مائڪرو سافٽ پاران گهڻي سوچ ويچار کان پوء پنهنجي نئين برائوزر کي ايج جو نالو ڏنو ويو آهي.
ان کان اڳ ۾ هن برائوزر جو نالو پروجيڪٽ اسپارٽن جو نالي سان ڪم هلي رهيو هو پر هاڻي ان نالي کي وساري ڇڏيو.
مائڪروسافٽ جو هي برائوزر پنهنجص پراڻي برائوزر انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي ختم ڪري نئون برائوزر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو
هي برائوزر صرف ونڊوز 10 تي ڪم ڪندو.۽ هن ۾ ٿوري ايڪسپلورر جي به جهلڪ نظر ايندي
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
دنيا جو ننڍڙو ۽ سستو ترين ڪمپيوٽر تيار.قيمت فقط 9 ڊالر
آمريڪا جي ماهرن دنيا جو سڀ کان ننڍڙو ۽ سستو ترين ڪمپيوٽر تيار ڪري ورتو
چپ نالي ننڍڙي ڪمپيوٽر جي قيمت فقط 9 ڊالر (900 روپيا)
هن ڪمپيوٽر کي عام ڪمپيوٽر جيان استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ڪيبورڊ،مائوس يا ڪابه اسڪرين لڳائڻ سان ڪمپيوٽر تيار ٿي ويندو
ڪمپيوٽر جي هارڊوئير ۾ هڪ گيگا هرٽز پروسيسر ،512 ايم بي ريم،4 جي بي اسٽوريج هارڊسڪ،ان کان سواء هن ۾ وائي فائي۽ بلوٽوٿ جي به سهولت آهي.
هي ڪمپيوٽر 2016 ۾ مارڪيت ۾ دستياب هوندو.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الأحد، 10 مايو 2015
ونڊوز 10 مائڪروسافٽ جو آخري آپريٽنگ سسٽم هوندو
مائڪروسافٽ پاران پنهنجو نئون آپريٽنگ سسٽم windows 10 متعارف ڪرايو آهي .جيڪو پراڻڻ سسٽمن کان وڌيڪ ڀلو آهي
ڪمپني پاران ان بابت پڻ اعلان ڪيو آهي ته هي آخري آپريٽنگ ورزن آهي ان کان پوءڪمپني نئون ورزن جاري ڪرڻ کان پاسو ڪندي باقي ها مستقبل ۾ انهي ئي ورزن کي اپڊيٽ ۽ بهتر بڻايو ويندو.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
واٽس ائپ تي تمام جلد ويڊيو ڪال متعارف ڪرائڻ جو اعلان
واٽس ائپ استعمال ڪندڙن لاء هڪ خوشخبري
هاڻي توهان واٽس ائپ تي ويڊيو ڪال به ڪري سگهو ٿا پر اها سهولت تمام جلد فراهم ٿيندي
ياد رهي ته واٽس ائپ تي ڪجه ڏينهن اڳ وائيس ڪال متعارف ڪرائي وئي هئي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الأحد، 1 مارس 2015
فيسبوڪ پاران پاڪستان ۾ تمام جلد مفت انٽرنيٽ ڏيڻ جو اعلان
مشهور سوشل ويب سائيٽ فيسبوڪ هڪ وڏي انسان دوست پروجيڪٽ internet.org تي ڪم ڪري رهي آهي.
هن پروجيڪٽ جي ذريعي فيسبوڪ دنيا جي تمام ملڪن کي مفت انٽرنيٽ فراهم ڪندو.
مفت انٽرنيٽ جو اهيو مطلب ناهي ته سڀ ڪجھ مفت هلي پر هن پروجيڪٽ ۾ صرف هي ويب سائيٽون مفت هلنديون.جنهن ۾ فيسبوڪ پڻ شامل آهي،
accuweather،bbc،wikipedia
پر ڪير جيڪڏهن چاهي ته هنن کان علاوه ٻي ڪا ويب سائيٽ کولڻ چاهي ته ان جا پئسا ادا ڪرڻ پوندا.ڇو جو فيسبوڪ صرف مٿي ڏنل ئي ويب سائيٽون سليڪٽ ڪيون آهن.
internet.org سروس ترقي يافته ملڪن ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي.جنهن ۾ ليٽن آمريڪا،آفريڪا پر هاڻي ضرورت وارن ملڪن ۾ به متعارف ڪرائي وئي آهي جيڪا تازو انڊيا ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي ۽ ايندڙ هفتي ڪئنيدا ۽ آسٽريليا ۾ به متعارف ڪرائي ويندي
هن سروس کي هلائڻ لا internet.orgاپليڪيشن انسٽال ڪرڻ پوندي.
جڏهن فيسبوڪ وارن فيسبوڪ تي هي سروس ڀارت ۾ متعارف ڪرائي جي پوسٽ اپڊيٽ ڪئي هئي ته لاهور جو ويب ڊولپر عمران جاويد ان پوسٽ تي ريپلائي ڏيندي پچو ته هي سروس ڪڏهن پاڪستان ۾ ايندي ته فيسبوڪ جي باني هي جواب ڏنو
we are working on it
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الجمعة، 6 فبراير 2015
گوگل جو نئون پروگرام بائونٽي،بغير ڪجھ ڪرڻ جي پئسا ملندا.
گوگل پاران هاڻي بگ يا وائرس کي دريافت ڪرڻ وارن کي پئسا ڏيندي.
هن پروگرام ۾ ڪا خامي يا وائرس ڳولڻ کان اڳ ۾ ئي گوگل 3133.70 ڊالر پئسا ڏيندي،دريافت ڪرڻ بعد ۾ به الڳ ان جا پئسا ملندا.
گوگل جو چوڻ آهي ته ڪابه خامي يا وائرس کي دريافت ڪرڻ واري کي تحقيق ڪرڻ اڳ ۾ ئي پئسا ڏيندي،جيئن هو سڪون سان پنهنجو ڪم ڪري.
اڳ ۾ ته ڊولپرز بگ تلاش ڪرڻ جي صورت ۾ لکين پئسا ضايح ڪندا هيا ،ان ازالي لا گوگل هي پروگرام شروع ڪيو آهي.
گوگل ان کان اڳ ۾ 2010 کان وٺي هن مهل تائين بگ تلاش ڪندڙن کي 4 ملين ڊالر ادا ڪري چڪي آهي.
هن پرگرام جا اصول ۽ قائده هن ويب پيچ تي ڏسو.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الاثنين، 2 فبراير 2015
فيسبوڪ ميسينجر ۾ وائيس ٽرانسڪرپشن جو فيچر شامل...
گوگل وائيس ۾ وائيس ميسيج کي ٽحرير ۾ ڪرڻ جو آغاز ڪيو هو.پر فيسبوڪ به ان دوڙ ۾ شامل ٿي وئي آهي
.
فيسبوڪ به پنهنجي ميسينجر ۾ محدود صارفين لا وائيس ٽرانسڪرپشن جو فيچر شامل ڪيو آهي.
هن فيچر جي مدد سان ڪنهن توهان ڏانهن موڪليل آڊيو ميسيج کي وصول ڪري ٻڌي ۽ تحرير ۾ پڙهي سگهو ٿا.
تمام گهڻي گفتگو جي ٻڌڻ بجا هڪ نظر تحرير تي نظر رکندو ته توهان کي خبر پوندي ته پيغام موڪلڻ وارو ڇا پيو چوي.
هن فيچر کي توهان غير فعال به ڪري سگهو ٿا.
هن فيچر کي حاصل ڪرڻ لا توهان فيسبوڪ ميسينجر جو نئون ورزن انسٽال ڪريو.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
موبائيل فون تي جذبات ۾ اماڻيل ٽيڪسٽ ميسيج واپس وٺڻ هاڻي بلڪل آسان.....
آمريڪي ڪمپني هڪ اسٽرنگز انسٽنٽ ميسيسجنگ اپليڪيشن متعارف ڪرائي آهي جنهن سان توهان ڪنهن ٻي سان ميسيج موڪليو يا حاصل ڪريو ۽ اهي واپس وٺي سگهو ٿا.
هن مفت اپليڪيشن جي ذريعي اوهان جا موڪليل پيغام يا تصويرون پنهنجي ۽ ٻي جي موبائيل تان ڊليٽ ڪري سگهو ٿا.۽ هن ۾ توهان ڪنهن ماڻهو ڏي موڪليل تصويرون ۽ ٽيڪسٽ ميسيج توهان جي اجازت کان سوا ڊائونلوڊ نه ڪري سگهندو.
پر شرط اهو آهي ته اها اپليڪيشن ان لاڳاپيل ماڻهو وٽ به هجڻ گهرجي.
هن اپليڪيشن جي متعارف ٿيڻ تي بي انتها مقبوليت ۾ اضافو ٿيو آهي.
هي اپليڪيشن في لحال آ۽ فون لا دستياب آهي.جلد ئي ائنڊرائيد لا به دستياب هوندي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
مائوس ۾ ڪمپيوٽر. :)
اڄ تائين توهان صرف مائوس کي ڪمپيوٽر ۾ لڳل ڏٺو هوندو پر اڄ آئون توهان کي هڪ اهڙي مائوس جي باري ۾ ٻڌائيندس جنهن ۾ هڪ مڪمل ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر موجود آهي. ۽ هن مائوس کي کيسي ۾ رکي ڪٿي به کڻي وڃي سگهو ٿا.
جي ها ، هي انوکي ڊوائيس پولينڊ جي هڪ Prezmyslaw Strzelczyk نالي ڪمپني تياري ڪئي آهي جيڪا ڏسڻ ۾ ته هڪ عام ڪمپيوٽر مائوس اچي ٿي پر ان ۾ هڪ مڪمل ڪميپوٽر نصب ٿيل آهي.
مائوس باڪس نالي هن ڊوائيس ۾ ڪواڊ ڪور پروسيسر، وائي فائي ۽ 128 جي بي اسٽوريج جي سهولت موجود آهي ۽ توهان ڪٿي به هن ڪنهن مانيٽر اسڪرين سان لڳائي پنهنجو ڪم شروع ڪري سگهو ٿا. ۽ هن کي هڪ عام ايچ.ڊي.ايم.آءِ ڪيبل سان مانيٽر سان ڳنڍي سگھجي ٿو.
هن ڊوائيس ۾ هڪ بيٽري به لڳل آهي جنهن سان ڊوائيس کي پاور ملندو رهي ٿو جڏهن ته بيٽري چارجنگ پيڊ جي ذريعي چارجنگ ٿيندي رهي ٿي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته شروعات ۾ هن ڊوائيس جو پروٽو ٽائپ ورزن متعارف ڪرايو ويو جڏهن ته پوءِ ان جي پيداوار وسيع پيماني تي ڪئي ويندي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
هاڻي اسڪارف به ٿي ويو سمارٽ....!!!
توهان کوڙ سارا اسڪارف ڏٺا هوندا پر اهيو ڪڏهن سوچيو آهي ته اهي اسڪارف سمارٽ ٿي سگهن ٿا.؟؟؟
پر اهيو ڪمال مائڪروسافٽ ڪري ڏيکاريو.
هي سمارٽ اسڪارف سردي ۾ گرم ٿي سگهي ٿو ۽ هن کي هڪ موبائيل اپليڪيشن جي ذريعي وائبريٽ ڪري سگهجي ٿو.
هن کان علاوه هن ۾ بلوٿوٽ جو فنڪشن به آهي.جنهن ذريعي توهان پنهنجي موبائيل جي مدد سان استعمال ڪري سگهندو.
هن ۾ ميوزڪ پليئر به لڳل آهي.اسڪارف پائيندڙن کي ان جو درجه حرارت به تبديل ٿيندو رهندو.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
گوگل پاران تيز رفتار انٽرنيٽ سروس متعارف ڪرائي ڇڏي.
هڪ وڏي خبر دنيا جي سڀني انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن ديوانن لا ته ،جيڪڏهن توهان ايڇ ڊي فلم.ويڊيوز يا گيمس ڊائونلوڊ ڪرڻ جا شوقين اهيو ۽ ان دوران نيٽ سلو هجڻ ڪري توهان تڪليف محسوس ڪندا آهيو پر گوگل توهان لا هڪ تيز رفتار انٽرنيٽ سروس google fiber متعارف ڪرائي آهي.
جنهن سان توهان ڪابه فلم.ويڊيوز يا گيمس ڊائونلوڊ ڪريو صرف 5 منٽن ۾
هي سروس 1000Mb پر سيڪنڊ جي رفتار انٽرنيٽ فراهم ڪندي.جيڪا ٻين براڊبيند انٽرنيٽ سروسن کان 100 دفعا تيز ترين هوندي
گوگل شروعاتي طور هي سروس آمريڪا جي ڪجھ علائقن ۾ متعارف ڪرائي آهي.
جلد ٻين ملڪن ۾ به گوگل فائبر سروس متعارف ڪرائي ويندي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الخميس، 22 يناير 2015
انتظار جون گهڙيون ختم،حاضر آهي ڪمپيوٽر لا واٽس ائپ
تمام گهڻي اتنظار کان بعد آخرڪار اها سهولت متعارف ٿي وئي.
واٽس ائپ کي هاڻي موبائيل کان علاوه ڪمپيوٽر جي انٽرنيٽ برائوزر تي به استعمال ڪري سگهو ٿا.
هي سهولت انهن لا آهي جنهن وٽ ائنڊروائيڊ،ونڊوز فون،بليڪ بيري تي واٽس ائپ استعمال ڪن پيا.
اصل ۾ هي ويب ڪلائنٽ توهان جي موبائيل وارو ئي واٽس ائپ آهي.ان لا ضروري آهي ته توهان جي موبائيل ۾ به واٽس ائپ انسٽال ٿيل هجي ۽ استعمال ڪندا هجو.هن سروس کي حاصل ڪرڻ لا ضروري آهي ته توهان جي موبائيل فون ۾ واٽس ائپ جو نئون ورزن انسٽال ٿيل هجي.
ڪمپيوٽر ۾ ڪروم برائوزر هجڻ لازمي آهي
1) پهرين اوهان ڪروم برائوزر ذريعي هي ويب سائيٽ کوليو
web.whatsapp.com
2) ان کان بعد اتي موجود هڪ ڪيو آر ٽي اميج ظاهر ٿيندو. (ڪيو آر ٽي ڪوڊ ويب جي دنيا تي ڪنهن شئي جي مخصوص سڃاڻپ کي ظاهر ڪري ٿو) ان پيج کي اتي رهڻ ڏيو.
3) هاڻي پنهنجي موبائل تي واٽس اپ اوپن ڪيو (نيٽ سان ڪنيڪٽ هجڻ لازمي آهي)
4) موبائل جو رائيٽ بٽڻ (يا ڪجهه ورجس ۾ مينيو۾) دٻائڻ تي مينيو ۾ واٽس اپ ويب (whatsapp web) جو آپشن ظاهر ٿيندو ان کي پريس ڪيو.
ان آپشن کي دٻائڻ سان ڪيمرا کلي ويندي. جيڪا اميج کي اسڪين ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪندي.
5) ان ڪيمرا کي ڪمپيوٽر تي اوپن ٿيل واٽس اپ ويب جي پيج تي آڻيو ۽ ان ڪيو آر ٽي ڪوڊ کي اسڪين ڪريو.
6) جيڪڏهن اسڪين ڪرڻ ۾ مسئلو ٿئي ته پيج تي موجود ڪوڊ کي ريفريش ڪريو.
ڪوڊ ميچ ٿيڻ بعد ان پيج تي اوهان جي واٽس اَيپ آءِ ڊي اوپن ٿي ويندي.....
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الاثنين، 19 يناير 2015
فيسبوڪ پاران هڪ نئون سوشل نيٽ ورڪ "فيسبوڪ ايٽ ورڪ" متعارف ڪرائي ڇڏيو
فيسبوڪ تمام گهڻي عرصي کان هڪ اهڙي اپليڪيشن ٺاهڻ ۾ ڪم ڪري رهيو هيو جنهن جي مدد سان ڪاروباري شخص پنهنجو الڳ سوشل نيٽ ورڪ ٺاهي سگهي.پر فيسبوڪ ان جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو آهي.جنهن کي "فيسبوڪ سوشل ايٽ ورڪ" جو نالو ڏنو ويو آهي.جنهن کي ائنڊرائيڊ ۽ آئي او ايس لا ٺاهي وئي آهي.
هي اپليڪيشن في الحال محدود شخصن لا دستياب آهي.جلد ئي عام ماڻهن لا به دستياب هوندي.
هن اپليڪيشن جي مدد سان ڪوبه ڪاروباري ماڻهو پنهنجو الڳ اڪائونٽ اهي سگهي ٿو.۽ چاهي ته موجوده پنهنجي فيسبوڪ اڪائونٽ کي ايٽ ورڪ سان ڳنڍي سگهي ٿو.
آئي فون لا هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿي.باقي ائنڊرائيڊ لا جلد ئي دستياب هوندي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الأحد، 18 يناير 2015
گوگل آرا ماڊيولر سمارٽ فون،پنهنجي مرضي جو سمارٽ فون ٺاهيو
گوگل جو هي پروجيڪٽ آرا هڪ اهڙو پروجيڪٽ آهي جنهن سان توهان پنهنجي پسند جون خاصيتن جو سمارٽ فون بڻائي سگهو ٿا.اصل هن فون جي بنيادي فريم 50 ڊالر جو آهي.جنهن جي ذريعي ڪوبه صارف پنهنجي پسند جا پارٽس لڳائي پنهنجو ئي سمارٽ فون ٺاهي سگهي ٿو
.صارفين ان شي جا قابل ٿي سگهن ٿا ته اهي موبائيل جي ڪنهن به حصي کي الڳ ڪري سگهن ٿا.يا جوڙي سگهن ٿا.جيئن اسڪرين،ڪئيمرا.پروسيسر وغيره
. هي پروجيڪٽ جو بيو مرحلو شروع ٿي ويو آهي.
جلد ئي هي فون وڪري لا مارڪيٽ ۾ دستياب هوندو.
هن فون 5 انچ اسڪرين.5 ميگا پڪسل ڪيئمرا،ڊيول ڪور پروسيسر.وائي فائي،ٿري جي وغيره شامل آهي. جنهن جي قيمت بلڪل سستي آهي يعني 50 ڊالر ۾.
وڌيڪ ويڊيو ۾ ڏسو.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الاثنين، 5 يناير 2015
Qmobile پاران پنهنجو آپريٽنگ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو اعلان
ڪيو موبائيل طرفان هاڻي پنهنجو آپريٽنگ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو اعلان جنهن کي Ameego نالو ڏنو ويندو
هن جو يوزر انٽرفيس Oppo.HTC.Huawei جهڙو ئي هوندو.
هي آپريٽنگ سسٽم ايندڙ سال ۾ لانچ ڪيو ويندو.
هڪ ٻي رپورٽ ته ڪيو موبائيل پاڪستان ۾ ڪاميابي کان پو جلد موبائيل فون آفغانستان،بنگلاديش ۽ آفريڪا جي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي
ڪيو موبائيل طرفان هڪ نهايت اهم خبر مطابق ته پنهنجو اپليڪيشن اسٽور پڻ ٺاهي رهي آهي.جنهن تي ڪم هلي رهيو آهي.ٿي سگهي ٿو هي ايندڙ سال ۾ Ameego آپريٽنگ سسٽم سان گڏ اچي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الاشتراك في:
الرسائل (Atom)







