السبت، 26 مايو 2018
هاڻي سمارٽ فونز کي ويڙهي به سگهبو،جلد foldable ڊسپلي وارا سمارٽ فونز مارڪيٽ ۾ اچڻ وارا آهنَ
هن وقت ٽيڪنالوجي جي دوۡر ۾ هر شي کي آسان بڻايو ويو آهي،نيون نيون شيون ايجادون ڪري دنيا جي ملڪن کي بلڪل ويجهو ڪري ڇڏيو آهي.جيئن ته هن وقت اسان وٽ جيڪي سمارٽ فونز آهن انهن ۾ اڪثر کڻڻ ۾ يا کيسي ۾ رکڻ ۾ وزن پيدا ڪندا آهن ،پر هاڻي ان مسئلي جو حل آخرڪار ڪڍيو ويو آهي،هاڻي سمارٽ فونز کي ويڙهي به ڪري رکي سگهبو.دنيا جون وڏيون سمارٽ فونز ٺاهيندڙ ڪمپنيون جهڙوڪ:Samsung,huawei,,lg,lenovo Sony oppo ۽ ٻيون ڪمپنيون foldable سمارٽ فونز ٺاهڻ لاءِ حق حاصل ڪري ورتا آهن.
تازي رپورٽ مطابق ته huawei ڪمپني سڀ کان پهرين فولڊ ائبل فون کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ان تي ڪم ڪري رهي آهي ،۽ ٻڌايو پيو وڃي ته هن سال جي آڪٽوبر مهيني ۾ شايد هوائي پهريون فون متعارف ڪرائي.
هڪ رپورٽ مطابق huawei سمارٽ فونز لاءِ ڊسپلي ٺاهيندڙ دنيا جي وڏي ڪمپني OBE سان گڏ هن سمارٽ فون تي ڪم ڪري رهي آهي.OBEصرف سمارٽ فون لاءِ ڊسپلي ٺاهڻ جي ذميوار آهي باقي ٻيو ڪم huawei خود پاڻ ڪنديِ،ٻيون به ڪمپنيون ان دوڙ ۾ شامل ٿي رهيون آهن،اهو امڪان پيدا ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ سال ۾ هي موبائيل فونز مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ دستياب هوندا.

ليکڪ: فاروق سومرو
منهنجون ڪميپوٽر بابت ٽوٽريل۔ٽپس سافٽوير ،موبائيل جون ٽپس ٽوٽريل سافٽوير وغيره۔۽ ٻيون گهڻيون تحريرون هڪ الڳ شي ۾ گڏ ڪرڻ لاءِ
اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
آئي ٽي بابت تازيون خبرون
الاشتراك في:
تعليقات الرسالة (Atom)
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔