ڪمپيوٽر تي واٽس ائپ ڪيئن هلائجي!

Ad 468 X 60

الأحد، 18 يناير 2015

پنهنجي سست ٿيندڙ ڪمپيوٽر ۾ جان وجهو


سست ٿيندڙ سسٽم ۾ جان وجهڻ لاءِ هميشه ڪنهن سٺي ۽ ڪارآمد سافٽويئر جي ضرورت پوندي آهي.
 هي سائيز ۾ هلڪو ۽ رفتار ۾ تيز آهي.. هي آهي وائي اي سي (YAC Cleaner) ..
اهڙا پروگرام گهٽ ئي ملندا آهن جيڪي هڪ ئي وقت اينٽي وائرس به هجن ته سسٽم جي صفائي سٿرائي به ڪندڙ هجن.. وائي اي سي جي اها خاص خصوصيت آهي ته هي نه رڳو سسٽم کي وائرس ۽ مال ويئر کان محفوظ رکندو آهي پر هي سسٽم لاءِ هڪ ڪلينر طور پڻ ڪم ڪندو آهي.
.
 هن جي خوبين ۾ شامل آهن.. 

  •  هي پروگرام سسٽم مان فالتو فائيلز کي ڊيليٽ ڪري ڊسڪ جي خالي اسپيس کي وڌائيندو آهي.. سسٽم کي ڪريش ۽ هينگ ٿيڻ کان بچائيندو آهي.. ۽ ان جي رفتار کي مستحڪم ۽ برقرار رکندو آهي..


  • سسٽم تي انسٽال ٿيل ڊرائيورز کي اپڊيٽ رکندو آهي.. سسٽم جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪندڙ ايررز جي نشاندهي ڪندي انهن کي ٺيڪ ڪندو آهي..


  • هي توهان جي برائوزر تي نظر رکندو آهي ته ڪاٿي ڪو جاسوسي جي ڪوشش ته نه پيو ڪري... برائوزر ڪيشي ۽ هسٽري کي ڊيليٽ ڪري توهان جي پرائيوسي کي يقيني بڻائيندو آهي...


  • برائوزر ۾ موجود غير ضروري ۽ مشڪوڪ پلگ انز کي بلاڪ ڪري ڇڏيندو آهي..

  • سسٽم ۾ داخل ٿيندڙ مال ويئرز کي تڪڙو سڃاڻي پڪڙڻ جي صلاحيت رکندو آهي..مال ويئر جون فائلز ان ڪري ڊيليٽ نه ٿينديون آهن جو انهن جو پروسيس هلندڙ هوندو آهي..

  • هي سافٽويئر انهن جي پروسيس کي ختم ڪندي ڊيليٽ ڪري وٺندو آهي..
 ڇا توهان اڃان به ڊائونلوڊنگ ڪرڻ لاءِ انتظار ڪندو..؟


    هي تحرير ونڊيو   

    • Facebook
    • Twitter
    • Myspace
    • Google Buzz
    • Reddit
    • Stumnleupon
    • Delicious
    • Digg
    • Technorati
    ليکڪ: فاروق سومرو
    منهنجون ڪميپوٽر بابت ٽوٽريل۔ٽپس سافٽوير ،موبائيل جون ٽپس ٽوٽريل سافٽوير وغيره۔۽ ٻيون گهڻيون تحريرون هڪ الڳ شي ۾ گڏ ڪرڻ لاءِ اڳتي پڙهو →

    0 تبصرا:

    توهان به تبصرو موڪليو:



    جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔