ڪمپيوٽر تي واٽس ائپ ڪيئن هلائجي!

Ad 468 X 60

‏إظهار الرسائل ذات التسميات موبائيل فون پلانيٽ. إظهار كافة الرسائل

الأحد، 9 ديسمبر 2018

ڇا ڊارڪ موڊ سمارٽ فون جي بيٽري لائف وڌائي ٿو؟ گوگل خود ٻڌائي ٿي

اهو Android فون جو مالڪ جيڪو چاهي ٿو ته منھنجي ڊيوائس جي بيٽري ٽائمنگ گهڻي دير تائين جاري رهي ته اهو ڊارڪ موڊ استعمال ڪري،گوگل خود چوي پئي.
گوگل هاڻي اُن ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ڊارڪ موڊ جو استعمال بيٽري لائف کي وڌائي ٿي، گھڻن ئي ماڻھن کي خبر آهي ته اسڪرين کي زياده برائيٽ ڪرڻ سان بيٽري جلد ختم ٿي ويندي آهي. انهي بابت گوگل وڏيڪ ڄاڻ فراھم ڪئي آهي ته 3 پرائمري رنگن مان بليو رنگ زياده بيٽري استعمال ڪندي آهي،تقريبن 25 سيڪڙو ڳاڙھي ۽ سائي رنگ جي ڀيٽ ۾ زياده تر پاور استعمال ڪري ٿي،اهو ان ڪري جو اڇي رنگ جا عنصر اسڪرين جا سڀئي حصا استعمال ڪندي آهي،اهو ئي سبب آهي جو گوگل خود پنهنجي Android آپريٽنگ سسٽم ۽ اپليڪيشنز ۾ ڊارڪ موڊ شامل ڪيو آھي,,maps ,youtube, contact,phone وغيرہ ۾ dark mode کي شامل ڪيو ويو آھي



اڳتي پڙهو »

WhatsApp تي ڊارڪ موڊ جلد اچڻ وارو آهي.

هڪ رپورٽ مطابق WhatsApp تي ڊارڪ موڊ تي ڪم هلي رهيو آهي جلد Android ۽ iOS ٻنھي پليٽ فارمن تي جاري ڪيو ويندو .ڊارڪ موڊ جو فائدو اهو آهي ته هن سان موبائيل فون جي بيٽري جي بچت به ٿيندي ۽ اکين جي حفاظت به ڪندي.



WABetaInfo جي مطابق (جيڪا WhatsApp تي هر نئين ايندڙ  features تي نظر رکندي آهي)ان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ڊارڪ موڊ تي ڪم هلي پيو پر في الحال اهو نٿو ٻـُڌائي سگهجي ته ڪڏهن صارفين لاءِ دستياب ڪيو ويندو

ِ  
.هي فيچر پهريان ئي يوٽيوب،Instagram،ٽوئٽر وغيره تي دستياب آهي .

اڳتي پڙهو »

الأربعاء، 30 مايو 2018

هاڻي چاٻي کي وساري ڇڏيو،هاڻي سمارٽ فون ذريعي دروازا کلندا.

دنيا جي مشهور ٽيڪنالوجي ڪمپني iPhone پاران هڪ بهترين فيچر متعارف ڪرائي رهي آهي جنهن ذريعي هاڻي چاٻي جي ضرورت نه پوندي،اهو فيچر جلد پنهنجن نون سمارٽ فونز تي سافٽوير ۾ شامل ڪندو

هي فيچر 2014 ۾ ئي ٽيسٽنگ جي مرحلي ۾ هو ۽ ان کي آءِ فون پنهنجي ئي هيڊ ڪوارٽر ۾ دروازن کي کولڻ لاءِ آزمائي رهي آهي.

هن فيچر کي iPhone پنهنجي سالياني ڊولپر ڪانفرنس جيڪا 4 June تي منعقد ٿيندي اتي متعارف ڪرايو ويندو.


اڳتي پڙهو »

الاثنين، 28 مايو 2018

لينوو Z5 مڪمل اسڪرين وارو سمارٽ فون 5 جون تي متعارف ٿيندو.

سمارٽ فون ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني پاران 5 June تي هڪ بهترين فون متعارف ڪرائي رهي آهي،جنهن ۾ مڪمل اسڪرين هوندي،ان ۾ بلڪل ڪنهن قسم جو بزل يا notch نه هوندو،ان کان سواءِ ٻيا گهڻا ئي نوان فيچرز شامل هوندا

لينوو جي وائيس صدر جي مطابق Z5 کي 5 جون تي متعارف ڪرايو ويندو،ايونٽ چائنا جي گادي جي هنڌ بيجنگ ۾ منعقد ٿيندو

وائس صدر جي دعوي آهي ته هن فون ۾ اهي سڀ شيون هونديون جنهن ڪنهن ٻئي فون ۾ نه هونديون ،جيٿوڻڪ سامسنگ يا هوائي ۾ به نه.
هن فون جي فيچرز جي خبر نه پئجي سگهي  آهي ته ڪهڙا ڪهڙا فيچرز شامل  هوندا،اها ته 5 June تي سڀ ڪجھ خبر پئجي ويندي.


اڳتي پڙهو »

السبت، 10 يناير 2015

هڪ مهيني تائين بئٽري هلائيندڙ موبائيل فون متعارف


مشهور ڪمپني مائڪروسافٽ پاران نوڪيا 215 نالي هڪ فون متعارف ڪرايو آهي جنهن جي خاص خوبي هڪ مهيني تائين بئٽري هلائڻ آهي.
​ هن سستي ترين فون ۾ ايف ايم ريڊيو.ايم پي ٿري.vga camera.فليش لائٽ ۽ ٻيا پروگرام شامل آهن
 ان کان علاوه هن ۾ انٽرنيٽ جي پڻ سهولت آهي.جنهن ۾ اوپيرا مني برائوزر.بنگ سرچ.فيس بوڪ،ٽوئيٽر وغيره لوڊ ٿيل آهن. هي دبل سم وارو فون آهي.جيڪڏهن هڪ سم استعمال ڪندو ته هي بئٽري 29 ڏينهن هلائيندو.۽ جيڪڏهن بئي استعمال ڪندو ته 21 ڏينهن بئٽري هلائي سگهندو.
هن فون جي قيمت صرف 29 ڊالر (پاڪستاني 3000 يا 2900 ) آهي.هي فون جلد هن مهيني ۾ ئي مارڪيٽ ۾ دستياب هوندو.

اڳتي پڙهو »

الاثنين، 5 يناير 2015

گوگل جي ذريعي محفوظ سرچنگ ڪريو،موبائيل فون وارا


جيڪڏهن توهان موبائيل فون استعمال ڪندڙ آهيو ۽ توهان چاهيو ٿا ته گوگل توهان کي بي حيائي کان پاڪ مواد ڏيکاري ته پو منهنجو هيٺ ڏنل طريقو اپلائي ڪريو.ان سان توهان به محفوظ ته ٻيا به محفوظ.
 سڀ کان پهرين گوگل تي وڃي هي لکو https://www.google.com/preferencesپو پهريان وارو آپشن Use Strict Filtering کي سليڪٽ ڪريو. هاڻي هيٺ ڏنل آپشن Save Preferences تي ڪلڪ ڪريو. وڌيڪ لا هيٺ ڏنل اسڪرين شاٽ ۾ ڏسو

اڳتي پڙهو »