السبت، 12 مايو 2018
ڇا يوٽيوب توهان جو گهڻو وقت کائي رهيو آهي؟
گوگل هن هفتي پنهنجي سالياني ڊولپر ڪانفرنس ۾ تمام گهڻيون شيون متعارف ڪرايون آهن،جنهن ۾ ائنڊرائيد جو نئون ورزن اينڊرائيڊ P ،گوگل اسسٽنٽ جا نوان فيچرز ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ متعارف ڪرايو.انهن شين مان هڪ اهم فيڇر جيڪو ايندڙ ورزن ائنڊرائيد ۾ شامل آهي جنهن کي ڊجيٽل ويل بينگ جو نالو ڏنو ويو آهي،هن فيچر جي خوبي اها آهي ته توهان مسلسل ڪنهن ايپ تي جيترو وقت گذاريو ان جو مڪمل ڊيٽا ٻڌائي ٿي ته هر ايپ تي هيترو هيترو ٽائيم استعمال ٿيو آهي،جيئن ته ائنڊرائيد جو نئون ورزن آڪٽوبر ۾ آفيشلي طور رليز ڪيو ويندو پر گوگل يوٽيوب تي اهو فيچر رليز ڪري ڇڏيو آهي ،take a break فيچر توهان کي مسلسل ويڊيوز ڏسڻ کان روڪڻ ۾ مدد ڪري ٿو،اهو توهان تي ڇڏيل آهي ته ڪيترا منٽس رکجن جو اهو هاڻي چوي ته بس ڪريو،ٽائيم سيٽ ڪرڻ کان بعد اهو توهان کي ياد ڏيارائيندو ته ڪجھ منٽس هاڻي بريڪ وٺو.
يوٽيوب جو تازو ورزن انسٽال ڪري ِسيٽنگ ۾ وڃي ڪري remind me take a break کي سليڪٽ ڪريو پوءِ پنهنجي ٽائيم مطابق ٽائيم سيٽ ڪريو

ليکڪ: فاروق سومرو
منهنجون ڪميپوٽر بابت ٽوٽريل۔ٽپس سافٽوير ،موبائيل جون ٽپس ٽوٽريل سافٽوير وغيره۔۽ ٻيون گهڻيون تحريرون هڪ الڳ شي ۾ گڏ ڪرڻ لاءِ
اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
ائنڊرائيد پلانيٽ
الاشتراك في:
تعليقات الرسالة (Atom)
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔